دادو : ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي صدارت هيٺ پارڪو لائن جي سيڪيورٽي بابت پوليس ۽ پارڪو سيڪيورٽي آفيسرن جو اجلاس ٿيو،

ايس ايس پي آفيس دادو جي ڪانفرنس هال ۾ ٿيل اجلاس ۾ دادو، رڪڻ، ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سب ڊويزنن جا ڊي ايس پي، لاڳاپيل سب ڊويزنن جي پوليس اسٽيشنن جا ايس ايڇ او ۽ وڏن منڇين، سي آءِ اي انچارج سميت شرڪت ڪئي،

جڏهن ته ڊي آءِ بي انچارج عبدالستار ميراڻي ۽ ايس ايس پي جي ريڊر محمد شريف زئنور پارڪو لائن جا سيڪيورٽي آفيسر ميجر (ر) محمد رئوف ۽ سينئر لائيزن آفيسر رٽائرڊ ڊي ايس پي محمد عمر شاهاڻي پڻ اجلاس ۾ موجود هئا،

 اجلاس ۾ پارڪو لائين جي سيڪيورٽي تي تفصيل سان بحث ڪيو ويو، فيلڊ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته پارڪو لائن تي پوليس پڪٽنگ، پيٽرولنگ ۽ نگراني جي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي،

ماضي ۾ پارڪو لائن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن ۽ مشڪوڪ سرگرمين تي ويجهي نظر رکڻ لاءِ حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي

ايس ايس پي دادو سڀني پوليس آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي نه ڪئي وڃي.

سڀني پوليس آفيسرن ۽ پارڪوسيڪيورٽي اهلڪارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فوري ڪارروائي ڪن ۽ جيڪڏهن اهي پارڪو لائن تي ڪا به غير معمولي يا غير قانوني حرڪت ڏسن ته فوري طور تي اعليٰ اختيارين کي اطلاع ڏيڻ.

جنوري 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو