اسپنرن ويسٽ انڊين بيٽرن کي سوگهو ڪري ورتو، ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي فتح

Spread the love

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 127 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي.
ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ 251 رنسن جي هدف جي جواب ۾ مهمان ٽيم 123 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ ساجد خان 5، ابرار احمد 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته نعمان علي هڪ شڪار ڪيو.
ان کان اڳ ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي رهيل ٻي اننگز 3 وڪيٽن جي نقصان تي 109 رنسن کان شروع ڪئي ته پهرئين ئي بال تي سعود شڪيل آئوٽ ٿي ويو، جنهن رڳو 2 رنسون ٺاهيون، ان کانپوءِ رضوان به 2 رنسن تي وڪيٽ وڃائي ويٺو، ڪامران غلام 27، نعمان علي 9، ساجد خان 5 ۽ سلمان آغا 14 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته خرم شهزاد کاتو ئي نه کوليو.
پاڪستان ٽيم ٻي اننگز ۾ 157 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ ويسٽ انڊيز کي ڪاميابي لاءِ 251 رنسن جو هدف مليو.
واضح رهي ته قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 230 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته ويسٽ انڊين ٽيم پهرين اننگز ۾ 137 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.
ميچ جو بهترين رانديگر ساجد خان کي قرار ڏنو ويو، جنهن مجموعي طور 9 وڪيٽون ورتيون.

جنوري 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو