مسلسل ناڪامين بعد ڀارتي ٽيم جو ڪوچ تبديل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مسلسل خراب ڪارڪردگي ۽ ناڪامين کانپوءِ ، دنيا جي امير ترين ڀارتي ڪرڪٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) نئون ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڀارتي ٽيم اختلافن ۽ شڪستن سبب تنقيد جو شڪار آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڀارتي ڪرڪٽ بورڊ ميگا ايونٽ کان رڳو ڪجهه ڏينهن اڳ نئون بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ سوال پيدا ٿي ويا آهن ۽ هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير جي مستقبل تي سوال اُٿڻ لڳا آهن.
ڀارتي ڪرڪٽ بورڊ وڏن نالن کي نظرانداز ڪندي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ليجنڊ ڪرڪيٽر سيتانشو ڪوٽِڪ کي ڀارت جو نئون بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو آهي، سوراشٽرا جي مشهور ڪرڪيٽر کي انگلينڊ خلاف هوم وائٽ بال سيريز لاءِ ذميواريون سونپيون ويون آهن.
ڀارت جي موجودا ڪوچنگ اسٽاف ۾ هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير، بالنگ ڪوچ مورني مورڪل، فيلڊنگ ڪوچ ٽي دليپ، ۽ ٻه اسسٽنٽ ڪوچ اڀيشڪ نائر ۽ ريان ٽين شامل آهن.
ان کان اڳ ڀارتي ٽيم وٽ ڪو ماهر بيٽنگ ڪوچ موجود نه هو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪوٽڪ چيمپئنز ٽرافي ٽورنامنٽ کان اڳ بيٽنگ ڪوچ جون ذميواريون سنڀاليندو.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم 22 جنوري کان انگلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي.