منھجي نقصان جو ازالو نه ٿيو ۽ انصاف نه مليو ته احتجاج دائرو وسيع ڪنداسين: محمد اعظم قاضيءَ
نواب شاهه (رپورث : ڪليم احمد ڊومڪي) اھم ڪاروباري علائقي ، ڪچھري روڊ تي واقع قاضيءَ جيلانيءَ ھوٽل تي ماني سان گڏ سلاد نه ملڻ تي گراهڪ ۽ ھوٽل مالڪ ۾ منهن ماري ٿيڻ کانپوء جهيڙو وڌي ويو گراهڪن پنھجا ماڻھؤ گھرائي ورتا
جن ھوٽل ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري تيار ٿيل کاڌو ھاري ۽ سمورو سامان روڊ تي اڇلائي ڇڏيو جڏهن ته لٺيون لڳڻ سبب ھوٽل مالڪ حاجي محمد اعظم کي ٻانھن تي معمولي زخم رسيا جنھن کان پوءِ حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا ،
اھڙي واقعي کان پوءِ ، سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا ھوٽل مالڪ ۽ ڀرپاسي جي دڪاندارن مختلف شھري تنظيمن جي اڳواڻ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو ،
جنھن ڪري سڄي شھر ۾ ٽريفڪ جو نظام ڌرھم برھم ٿي ويو خريداري ۽ پنهنجي ڪمن ڪارن لاءِ آيل ماڻهن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ،
انھيءَ موقعي تي ھوٽل مالڪ محمد اعظم قاضيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻ ڄڻا ھوٽل اندر ماني کائڻ آيا
جنھن ماني سان گڏ سلاد گھري سلاد نه ھئڻ سبب ھنن منهن ماري ڪئي ۽ مونسان ھٿين پئجي ويا جنھن کان پوءِ ھنن پنھنجا ماڻھؤ گھرايا جن سان لٺيون ساڻ ھيون
ھوٽل اندر ڀڄ ڊاھ ڪري تيار ٿيل کاڌا ھاري ٿانو ھوٽل کان ٻاھر اڇلائي ڇڏيا جنھن کان پوءِ ھو ڌمڪيون ڏئي ھليا ويا
ھن چيو ته منھجو وڏو نقصان ٿيو آھي منھجي نقصان جو ازالو نه ٿيو ۽ انصاف نه مليو ته احتجاج دائرو وسيع ڪنداسين جڏهن ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پھچي ھوٽل مالڪ سان ڳالهيون ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائيءَ ڪرڻ ۽ سندس انصاف فراھم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنھن کان پوءِ ھنن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.
جنوري 16, 2025