فواد عالم 15 هزار فرسٽ ڪلاس رنسون مڪمل ڪري ورتيون

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ فواد عالم فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 15 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون.
فواد عالم اهو ڪارنامو پريزيڊنٽ ڪپ جي ميچ دوران انجام ڏنو، هن 323 اننگز ۾ 15 هزار فرسٽ ڪلاس رنسون مڪمل ڪيون.
ليفٽ هينڊڊ بيٽر فرسٽ ڪلاس ڪيريئر ۾ 74 ففٽيون ۽ 44 سينچريون اسڪور ڪيون آهن، هو 15 هزار فرسٽ ڪلاس رنسون ٺاهيندڙ 20هون پاڪستاني بيٽر آهي.
واضح رهي ته فواد عالم 19 ٽيسٽ، 38 ون ڊي ۽ 24 ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي.

جنوري 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو