ڪرڪيٽ شوقين لاءِ وڏي خبر، ڀارتي ڪپتان روهت شرما پاڪستان ايندو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيمن جي ڪپتانن جي گڏيل پريس ڪانفرنس 16 يا 17 فيبروري تي پاڪستان ۾ ٿيندي.
پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي خط لکيو ويو آهي ته پروٽوڪول موجب آءِ سي سي ايونٽ شروع ٿيڻ اڳ ميزبان ملڪ ۾ سمورين ٽيم جا ڪپتان گڏجندا ۽ پريس ڪانفرنس دوران پنهنجين تيارين بابت ڳالهائيندا آهن.
ذريعن موجب، 19 فيبروري کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ، جيڪو به آئي سي سي ڏينهن مقرر ڪندي، ان موجب ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما سميت ٽورنامينٽ ۾ شامل ٽيمن جا ڪپتان گڏ ٿيندا.
ڀارت سميت سڀني رانديگرن، آفيشلز، ميڊيا، اسپانسرز ۽ شوقينن کي ويزا ڏيڻ ميزبان بورڊ جي ذميواري هوندي.
لاهور، راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾وزٽ ڪندڙ ٽيم ۾ ٽي ڀارتي شامل هئا جيڪي ويزا ملڻ تي پاڪستان آيا هئا، هاڻي به ائين ئي ڪيو ويندو ۽ جن کي ويزا گهربل هوندي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان جو بندوبست ڪندو.
آءِ سي سي جڏهن وارم اپ ميچز جي شيڊول جو اعلان ڪندي، تڏهن اهو فيصلو به ٿيندو ته ٽيمن جي پريس ڪانفرنس ڪهڙي ڏينهن رکڻي آهي.

جنوري 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو