دي اسمارٽ اڪيڊمي اسڪول جي ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح

Spread the love

ملير (ڊر) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي يوسي 2 ۾ دي اسمارٽ اڪيڊمي اسڪول جي ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي هن چيو ته جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

 هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شاگردن کي معياري تعليم ۽ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ته جيئن اهي اڄ جي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهن.

 ڇو ته تعليم ئي ڪنهن به قوم جي ترقي جو بنياد آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ٿيڻ وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪمپيوٽر ليب جهڙا منصوبا ٻارن ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

هن سمارٽ اڪيڊمي جي منتظمين کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اهڙن قدمن سان تعليمي نظام مضبوط ٿيندو آهي ۽ ٻارن کي عالمي معيار جي تعليم ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ مدد ملندي آهي. اهيهن والدين تي زور ڏنو ته هو تعليم سان گڏ پنهنجي ٻارن جي ٽيڪنالاجي ٽريننگ تي ڌيان ڏين.

 هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته منگھوپير ۾ تعليمي سهولتن جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ نسل کي بهتر مستقبل فراهم ڪري سگهجي. افتتاحي تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن، استادن، والدين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان اقدام کي ساراهيو.

حاجي نواز علي بروهي اسڪول انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته هي قدم نوجوان نسل جي روشن مستقبل لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو.

ان موقعي تي ساڻس گڏ

اختر لنڊ،

جاويد بروهي

ان موقعي تي اسڪول انتظاميا ۽ علائقي جا معززين پڻ موجود هئا.

جنوري 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو