زال مون لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: حسن علي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي زال سمعيه جي قربانين جو اعتراف ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ حسن علي نجي ٽي وي پروگرام ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان جي سوال تي فاسٽ بالر گهرواري جي قربانين جو انڪشاف ڪيو .
حسن علي ٻڌايو ته ” شادي کان اڳ مان زال کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ڪرڪيٽ جي ڪري هميشه دبئي ۾ نٿو رهي سگهان تنهنڪري شادي کانپوءِ ڪجهه سال اسان دبئي ۾ گذاريا ۽ پوءِ پاڪستان شفٽ ٿي وياسين ڇو ته مون لاءِ اِهو سفر ڏاڍو ڏکيو هو.“
هن چيو ته ” ان وقت منهنجي گهرواريءَ پنهنجي نوڪريءَ جي قرباني ڏني ڇو ته هوءَ ايمريٽس ۾ هئي ۽ هن مون لاءِ پنهنجي نوڪري ڇڏي ڏني، هاڻي هوءَ مون سان گڏ پاڪستان ۾ رهي ٿي.“
ياد رهي ته فاسٽ بالر حسن علي ڀارتي شهري سمعيه سان 2019ع ۾ دبئي ۾ شادي ڪئي هئي.

جنوري 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو