ڪرڪيٽ ڪميونٽي افغان عورتن جي حقن لاءِ آواز اُٿاري: هيٿر نائٽ

Spread the love

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) انگلش وومين ٽيم جي ڪپتان هيٿر نائٽ ڪرڪيٽ ڪميونٽي کي اپيل ڪئي آهي هو افغانستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي حق ۾ آواز اُٿاريو وڃي، ڇو ته اتي عورتن جي صلاحيتن کي نظرانداز ڪيو ويو.
ان کان اڳ چيمپيئنز ٽرافي ۾ افغانستان خلاف ميچ کان اڳ، 150 کان وڌيڪ برطانوي سياستدانن انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ کي اپيل هئي ته هو عورتن جي حقن جي لتاڙ تي طالبان حڪومت خلاف سخت قدم کڻي ۽ افغانستان خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪري.
انگلينڊ ۽ افغانستان جو ميچ 26 فيبروري تي لاهور ۾ شيڊيول آهي، پر سياستدانن جو مطالبو هو ته اها ميچ لاهور ۾ نه کيڏي وڃي ۽ طالبان کي سخت پيغام ڏنو وڃي ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون برداشت نه ڪيون وينديون.

هي به پڙهندا
” لاهور ۾ افغانستان خلاف نه کيڏڻ جو مطالبو“ ڏکڻ آفريڪا به انگلينڊ سان گڏ، هارميسن کي ڳڻتي

ليبر پارٽي جي رُڪن ٽونيا انٽونياٽزي جي لکيل خط تي ريفارم پارٽي جي اڳواڻ نائجل فراج ۽ ليبر پارٽي جي اڳوڻي سربراهه جيرمي ڪوربن سميت ڪيترن ئي سياستدانن جون صحيحون ڪيون هيون.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رچرڊ گولڊ بائيڪاٽ جي مطالبن جي مخالفت ڪندي چيو هو ته هو انگلينڊ کي ميچ کيڏڻ کان محروم ڪرڻ جي بدران آءِ سي سي طرفان گڏيل ڪارروائي جي حمايت ڪندا.
ٻئي پاسي برطانوي وزيرِ اعظم ڪيئر اسٽارمر جي ترجمان آءِ سي سي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان معاملي ۾ اڳواڻي ڪري.
واضح رهي ته افغانستان ۾ 2021ع ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عورتن تي راندين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي ۽ ڪيئي عورت رانديگرياڻيون ملڪ ڇڏي چڪيون آهن.

هي به پڙهندا

انگلينڊ تي افغانستان خلاف لاهور ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي ميچ نه کيڏڻ جو دٻاءُ
آءِ سي سي جي ضابطن موجب، بورڊ جي مستقل رڪنيت لاءِ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو هجڻ لازمي آهي، پر افغانستان تي ڪنهن به قسم جون پابنديون لاڳو نه ٿيون آهن.
هاڻي انگلش وومين ٽيم جي ڪپتان ميلبورن ۾ رهندڙ افغان عورت ڪرڪيٽرز سان ملاقات جو ارادو ظاهر ڪيو آهي جيڪي جنڪشن اوول ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ وومينز ايشز سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ ڏسڻ اينديون.
هيٿر نائٽ چيو ته اِهو سٺو سنئوڻ آهي ته ماڻهو ان معاملي تي آواز اُٿاري رهيا، ڇو ته اتي( افغانستان ) عورتن تي ڪيئي پابنديون آهن.
ان کانسواءِ هن اپيل ڪندي چيو ته سموري دنيا جي ڪرڪيٽ ڪميونٽي کي افغانستان جي عورتن لاءِ آواز اُٿارڻ گهرجي.

جنوري 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو