” عمران خان کي سيڪيورٽي يا صحت جي معاملن تي ڪٿي منتقل ڪري سگهجي ٿو“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي سيڪيورٽي يا صحت جي معاملي ۾ ڪٿي منتقل ڪرڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا.هڪ انٽرويو ۾ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته جيل ۾ ئي ٽرائل جو فيصلو عمران خان جي سيڪيورٽي جي سبب ڪيو ويو هو.سندس جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي ۽ صحت جي سبب خاص انتظام بابت ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.
جنوري 10, 2025