شاهد خاقان جي پارٽي رجسٽريشن معاملو، اليڪشن ڪميشن مان وڏي خبر اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي پارٽي ” عوام پاڪستان پارٽي “ کي رجسٽرڊ ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن طرفان عوام پاڪستان پارٽي جي رجسٽريشن جونوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، شاهد خاقان عباسي عوام پاڪستان جو ڪنوينر جڏهن ته مفتاح اسماعيل پارٽي جو سيڪريٽري جنرل هوندو.اليڪشن ڪميشن عوام پاڪستان پارٽيءَ جي انٽرا پارٽي اليڪشنز کي به تسليم ڪري ورتو آهي، عوام پاڪستان 26 جون تي انٽرا پارٽي اليڪشنز جا تفصيل جمع ڪرايا هئا.اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سياسي پارٽين جو انگ 168 ٿي ويو آهي.

جنوري 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو