اويس لغاري بجلي جي اگهن بابت وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي اسان جي خواهش آهي ته بجلي جو اگهه گهٽجي، آءِ ايم ايف سان ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ڳالهيون جاري آهن، 10 کان 12 رپيا في يونٽ تائين بجلي سستي ڪري سگهون ٿا.
قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اويس لغاري چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ معاملو پڄاڻي ڏانهن وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته بجلي جو اگهه 10 کان 12 رپيا في يونٽ گهٽ ڪري سگهون ٿا، خواهش آهي ته بجلي جو اگهه 50 رپيا گهٽجي، بگاس جي 8 پلانٽن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ان کانسواءِ وڌيڪ 16 پلانٽن جي نظرثاني به ڪنداسين، ان کانپوءِ حڪومتي پلانٽن جي ريٽرن آن ايڪوئٽي جو وارو ايندو، هن مهيني جي آخر تائين ڪيپٽو پلانٽس جو معاملو حل ٿي ويندو، گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي 4 رپين تائين سستي ٿي چڪي آهي.

جنوري 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو