” مست مست گرل“ روينا ٽنڊن جي ڌيءُ جي پهرين فلم جي جهلڪ جاري
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار، هدايتڪار ۽ فلمساز اجي ديون جي فلم ” آزاد“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو جنهن ۾ سندس ڀاڻيجو ۽ روينا ٽنڊن جي ڌيءَ ڊيبيو ڪري رهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، فلم ” آزاد “ ۾ اجي ديوگن مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندو جڏهن ته نوي جي ڏهاڪي ۾ ” مست مست گرل“ جو خطاب ماڻيندڙ روينا ٽنڊن جي ڌيءُ راشا ٿڌواڻي ۽ اجي ديوگن جو ڀاڻيجو امان ديوگن فلم ذريعي بالي ووڊ ۾ انٽري ڏئي رهيا آهن.
فلم جو ايڪشن ۽ ٿرل ۽ تجسس سان ڀرپور ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڊيانا پينٽي به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر اچي رهي آهي.
فلم جي ڪهاڻي ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي قبضي ۽ هندن جي حالتن تي فلمائي وئي آهي جنهن ۾ اجي ديوگن هڪ ڌاڙيل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو باغي ٿي چڪو آهي.
فلم ” آزاد“هلندڙ مهيني 17 جنوري تي ڀارت سميت سموري دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.
