سپريم ڪورٽ پروموشن ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ، نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جي پروموشن ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جي پروموشن ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ ڪري ڇڏي.
پروموشن ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پروموشن ڪميٽي جي جسٽس جمال خان جي سربراهيءَ ۾ ٻيهر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، رجسٽرار سپريم ڪورٽ ۽ ايڊيشنل رجسٽرار ايڊمن کي پروموشن ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.
