ويسٽ انڊيز اڻويهه ورهين بعد ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان پهچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي ٽيم اڻويهه ورهين کانپوءِ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي.
ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم نجي اُڏام ذريعي دبئي کان اسلام آباد پهتي، ٽيم کي سخت سيڪيورٽي ۾ مقامي هوٽل پهچايوويو.
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ 17 ۽ ٻي ٽيسٽ 25 جنوري کان شروع ٿيندي، سيريز جون ٻئي ميچون ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.
ياد رهي ته ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم آخري ڀيرو 2006ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو.

جنوري 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو