بابر اعظم جي حرڪت تي ڊريسنگ روم ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، وڊيو وائرل

Spread the love

ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڪيپ ٽائون ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن بابر اعظم جي انوکي حرڪت تي ڊريسنگ روم ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان ٽيم فالو آن جو شڪار ته ٿي پر ٻي اننگز ۾ پاڪستاني بيٽرز شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو.
ڪپتان شان مسعود 145 ۽ بابر اعظم 85 رنسون ٺاهيون، ان کانپوءِ خرم شهزاد 18، ڪامران غلام 28 ۽ سعود شڪيل 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ان دوران اسٽار بيٽر بابر اعظم ساٿين سان گڏ ڊريسنگ روم ۾ پُرسڪن نظر آيو ۽ حرڪت به ڪئي.
مارڪو ينيسن جي 14 هين اوور دوران بابر اعظم کي پنهنجي دوربين سان کِل جوڳي حرڪت ڪئي جنهن کي ڪئمرا محفوظ ڪري ورتو.
بابر اعظم ڊريسنگ روم مان دوربين جي مدد سان ڪجهه ڏسي رهيو ان دوران ساڻس گڏ ويٺل ساٿي رانديگر به پنهنجي کِل روڪي نه سگهيا.

جنوري 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو