آسٽريليا جا هڪ تير سان ٻه شڪار، ٽيسٽ سيريز کٽي چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

Spread the love

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا سڊني ٽيسٽ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز 1-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي ۽ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ به ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
سڊني ٽيسٽ ۾ ڪينگروز ڀارت طرفان مليل 161 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، بيو ويسٽر 39 ۽ ٽريوس هيڊ 34 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
واضح رهي ته ڀارت پهرين اننگز ۾ 185 ۽ ٻي اننگز ۾ 157 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 181 رنسون ٺاهيون هيون.
آسٽريليا جي اسڪاٽ بولينڊ کي ميچ ۾ مجموعي طور تي 10 وڪيٽون وٺڻ تي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ڀارت جي جسپريت بمرا کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جنهن 32 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ آسٽريليا جو مقابلو ڏکڻ آفريقا سان ٿيندو.

جنوري 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو