ڪرم ۾ فائرنگ کانپوءِ پارا چنار روانو ڪيل قافلو روڪيو ويو

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ ) ڪرم جي علائقي بگن بازار ۾ فائرنگ کانپوءِ امن معاهدي تحت 75 وڏين مال بردار گاڏين تي ٻڌل پاراچنار روانو ڪيل قافلو روڪيو ويو آهي.
ڪجهه دير اڳ روانو ٿيندڙ قافلو واپس ٽل موٽي آيو، قافلي ۾ امدادي سامان، خوراڪ، دوائون شامل هيون.
بگن ۾ مظاهرين سان پوليس ۽ فورسز جي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ امدادي قافلا روڪيا ويا آهن.
خيبرپختونخوا حڪومت جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو ته هو سي ايم ايڇ ٽل ۾ جاويد الله محسود سان موجود آهي، خدا جو شڪر آهي سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪُرم لاءِ رواني ٿيندڙ قافلي کي في الحال روڪيو ويو آهي، حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قافلو روانو ڪيو ويندو.

جنوري 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو