سارو گنگولي جي ڌيءَ روڊ حادثي جو شڪار

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي جي ڌيءُ جي گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جمعي تي سارو گنگولي جي ڌيءُ ثنا پنهنجي گاڏي ۾ ڪولڪتا ڊائمنڊ هاربر روڊ تي سفر ڪري رهي هئي ته پٺيان هڪ بس سندس گاڏيءَ کي زوردار ٽڪر هنيو.
رپورٽس موجب، ثنا ان وقت ڪار ۾ موجود هئي ۽ سندس ڊرائيور گاڏي هلائي رهيو هو، حادثي ۾ ٻئي معجزاڻي طور محفوظ رهيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ثنا جي ڪار کي بس جي ٽڪر سبب معمولي نقصان پهتو آهي.
پوليس موجب، ڌرين طرفان اڃا تائين واقعي جي باظابطا ڪيس داخل ناهي ڪرايو ويو.