ڊرامو، تڪرار، ايڪشن: سڊني ٽيسٽ امپائرن جي غلط فيصلن کان بمرا جي توائي تائين

آسٽريليا ۽ ڀارت جي وچ ۾ بارڊر گواسڪر سيريز جي آخري ٽيسٽ سڊني ۾ جاري آهي، پنجن ميچن تي ٻڌل هن سيريز جي حتمي فاتح فيصلو ته اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي پر هر ڏينهن نئون تڪرار ۽ ڊرامو شوقينن جي دلچسپي کي وڌيڪ وڌائي رهيو آهي.
پنجين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن جي شروعات ۽ پڄاڻي ڊرامائي انداز ۾ ٿي.
ٽيسٽ جي شروعات ان خبر سان ٿي ته روهت شرما نه رڳو ڀارت جي قيادت نه ڪندو پر هن پر آرام ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو آهي.
ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ 19 سالن جي اوپنر سيم ڪونسٽاس ۽ جسپريت بمرا جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ آخري بال تي بمرا عثمان خواجا کي آئوٽ ڪيو.
مارڪ ٽيلر جي بيان موجب، ڪنهن به ملڪ جو ڪپتان فيصلائتي ميچ ۾ آرام جو فيصلو نٿو ڪري سگهي، روهت کي شايد خراب فارم سبب ڊراپ ڪيو ويو آهي.
روهت هن سيريز ۾ پنج اننگز ۾ رڳو 31 رنسون ٺاهي سگهيو آهي، سندس فارم ڀارتي مداحن لاءِ مايوس ڪندڙ آهي.
پهرئين ڏينهن ۾ ڀارتي ٽيم 185 رنسون ٺاهي سگهي، جڏهن ته روهت جي جاءِ تي آيل شُبمَن گِل 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
سيريز دوران ڀارت جو ٽاپ آرڊر گهڻو ڪري جدوجهد ڪندي نظر آيو، جڏهن ته ويرات ڪوهلي جي بيٽنگ فارم تي به ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.
ميچ دوران ڪوهلي جي سلپ ۾ شاندار ڪيچ کي ٽيڪنالاجي ذريعي ناٽ آئوٽ قرار ڏنو ويو، پر هو جلد ئي بولينڊ کي وڪيٽ ڏئي واپس پويلين موٽي ويو.
رشڀ پنت ۽ رويندر جاڙيجا جي پارٽنرشپ ڀارت کي ڪجهه سهارو ڏنو، پر مچل اسٽارڪ ۽ اسڪاٽ بولينڊ جي بهترين بالنگ مڊل آرڊر کي به گهڻي دير پير کوڙڻ جو موقعو نه ڏنو
اننگز جا ٽاپ اسڪورر رشڀ پنٽ، جنھن کي گذريل ميچ ۾ پنهنجي شاٽ سيليڪشن جي ڪري تنقيد ٿي رهي هئي اڄ انتهائي محتاط انداز ۾ بيٽنگ ڪئي، ان دوران کيس ڪيترائي دفعا مچل اسٽارڪ جي بال لڳا، هڪ ڀيرو ته بال هن جي هيلمٽ تي به لڳو.
پر پنت جي هي دليراڻي اننگز گهڻو دير جاري نه رهي ۽ هو 40 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ بولينڊ پهرين بال تي نتيش ڪمار ريڊي کي واپس پويلين اُماڻي ڇڏيو، ان کانپوءِ ڀارتي بيٽرن جي اچ وڃ جو سلسلو جار رهيو ۽ اهڙي ريت سموري ٽيم پهرين اننگز ۾ 185 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
اننگز دوران ٻيو تڪراري فيصلو واشنگٽن سُندر جو آئوٽ هو، جنهن کي آن فيلڊ امپائر ناٽ آئوٽ قرار ڏنو، پر ٿرڊ امپائر ثبوتن جي غير موجودگي باوجود کيس آئوٽ قرار ڏنو.
جڏهن آسٽريليا جي اننگز شروع ٿي ته نوجوان سيم ڪونسٽاس جسپريت بمرا کي پهرئين ئي بال تي مِڊ وڪيٽ جي مٿان چوڪو وهائي ڪڍيو.
ڀارتي ٽيم پُراميد هئا ته هو پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي کان اڳ هڪ وڌيڪ اوور هلندو، پر جڏهن عثمان خواجا بمرا جي ٻئي اوور دوران ظاهر طور دير جي ڪوشش ڪئي جنهن تي بمرا ۽ نان اسٽرائڪر اينڊ تي بيٺل ڪونسٽاس جي وچ ۾ تڪرار ٿي ويو.
نيٺ عثمان خواجا بال کيڏڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ اوور جي آخري بال تي هو بمرا جي بال تي سلپ ۾ ڪچ آئوٽ ٿي ويو، بمرا وڪيٽ وٺندي ئي ڪونسٽاس کي ڪاوڙ ۾ ڏٺو جڏهن ته ڀارتي ٽيم پڻ سندس آڏو جشن ملهائڻ لڳي.
واضح رهي ته پنجن ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا کي ڀارت خلاف 2-1 جي سرسي حاصل آهي.