”ڇا اسان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيون“ انٽرنيٽ جي سستي تي شرميلا فاروقي جو شزا فاطما سان تڪرار
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ جي سست رفتاري جي معاملي تي شرميلا فاروقي شزا فاطما تي ڪاڙوجي پئي ۽ چيو ته ڇا سڀ ڪوڙ ڳالھائي رهيا آهن؟ منهنجو مڙس اي ڪامرس ڪمپني هلائي ٿو، کيس نقصان ٿيو آهي.
قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس امين الحق جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران شرميلا فاروقي مملڪتي وزير شزا فاطما تي ڪاوڙجي پئي.
پ پ ميمبر شرميلا فاروقي چيو مان تمام گهڻي مايوس آهيان، 4 اجلاس ٿي چڪا آهن، ڪو حل ناهي نڪتو، يا ته اسان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيون يا حڪومت ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، منهنجو مڙس اي ڪامرس ڪمپني هلائي ٿو، کيس نقصان ٿيو آهي، ڇا سڀئي ڪوڙ ڳالھائي رهيا آهن؟
هن چيو پي ٽي آءِ جي احتجاج جو سڏ اچي ٿو ته انٽرنيٽ بند ٿي وڃي ٿا، ڇا اسان احمق آهيون جو سڀ ڪم ڇڏي ڪميٽي ۾ اچي رهيا آهيون ۽ هتي ڪميٽي ۾ چيو وڃي ٿو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.
مملڪتي وزير شزا فاطما چيو ته انٽرنيٽ جو مسئلو عارضي هو جيڪو حل ڪيو ويو آهي، اسٽار لنڪ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان ۾ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي.
هن ٻڌايو ته پاڪستان گذريل هڪ مهيني ۾ ڏيڍ ارب رپين جي ايڪسپورٽ ڪئي آهي، جيڪڏهن انٽرنيٽ بند آهي ته اهو پيسو ڪٿان اچي رهيو آهي؟
