سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جو هڪ ئي وقت ٻٽي نوڪري ڪرڻ جو انڪشاف

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن طرفان هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ کاتن ۾ نوڪري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
هڪ ئي وقت ٻٽي ملازمت جو انڪشاف صوبائي تعليم کاتي جي ملازمن بابت ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پاران لاڳاپيل ملازمن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 42 آفيسر ۽ ملازم تعليم کاتي سان گڏ ٻين کاتن ۾ پڻ نوڪري ڪري رهيا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هڪ ئي وقت ٻٽي ملازمتن ڪندڙن ۾ ڪوئيٽا، تربت، بارکان، زوب، ڊيرا بگٽي، شيراني، ڪڇي، لسٻيلا، مستونگ، پنجگور، واشڪ، لورالائي، قلعي عبدالله، چمن ۽ پشين جي تعليم کاتي جا ملازم شامل آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ مجاز اٿارٽي پاران ناڻي واري سيڪريٽري کي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته انهن آفيسرن ۽ ملازمن جون پگهارون روڪيون وڃن، جن جا نالا فهرست ۾ شامل آهن، انهن آفيسرن ۽ ملازمن خلاف بيڊا ايڪٽ 2011 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻه هفتن اندر آفيسرن ۽ ملازمن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
ان کانسواءِ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پاران سڀني لاڳاپيل ضلعن جي آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

ڊسمبر 31, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو