اسٽُوپا جِي اوٽَ مان سال 2024 جو آخري ڪالم
ياسر قاضي
اڄ شام جڏهن سال 2024ع جو آخري سجُ ڪرَ موڙي مُهين جي دڙي جي اسٽُوپا جي اوٽَ ۾ ٻُڏڻ وارو هوندو، ته ان اسٽُوپا هيٺان ماٺ ۾ آرامي هن ڌرتيءَ جي تهذيب جي ٽن دؤرن کان شرمندو ضرور ٿي رهيو هوندو، ته سال 2023ع ۽ 2024ع مُهين جي دڙي جي دريافت ٿيڻ جي هڪ صدي پورا ڪندڙ سال هئا، جنهن کي سرڪار پاران عوامي سطح تي ملهائجڻو هو، نئين نسل کي سُڌَ ڏيڻي هئي، عام کي ٻُڌائڻو هو، جَھر جھنگَ ۾ وسندڙ هر جھانگيءَ، وانگِيءَ، ويڙهيچي کي آگاهه ڪرڻو هو، ته اهو ماڳ، جنهن پوريءَ دنيا ۾ ”سنڌو ماٿر تهذيب“ جي جُھومر طور سُڃاڻ ماڻي، سنڌ کي پنهنجي نئين شناخت ڏني آهي، ان جي کوٽائيءَ بعد ظاهر ٿيڻ کي هڪ سئو سالَ پورا ٿي ويا آهن ۽ اسين زندهه قومن جيان ان سال کي ملهائي، پنهنجي شاندار تاريخَ ۽ ماضيءَ کي ملهائي رهيا آهيون. پر اهڙو ڪجھه ڪونه ٿيو. پيپلز پارٽيءَ جي پوئينءَ حڪومت جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾، جڏهن ثقافت جو قلمدان سردار شاهه وٽ هو، تڏهن هن بيانن جي حدَ تائين ته اهڙا اعلانَ ڪيا هئا، ته انهن ٻنهي سالن کي ”مُهين جي ماڳَ جي دريافت جا سالَ“ ڪري وڏي پيماني تي ملهايو ويندو، پر ان ڏس ۾ عملي طور تي سڄو سال ڪو هڪ سادو سيمينار به منعقد ڪونه ڪيو ويو، جنهن رستي ان صديءَ جي تڪميلَ جي منادِي عام ڪئي وڃي.
هن سال مارچ ۾ نئين سنڌ ڪابينا ٺهڻ کانپوءِ سردار شاهه ثقافت جي وزارت کان پَرڀرو ڇا ٿيو! وري ان اهم سنگِ ميل جو ذڪر ئي ڪونه ٿيو! ثقافت کاتي پاران هن سال ميلن ملاکڙن جي انعقاد ۽ ٻين تنظيمن پاران ملهايل ادبي فيسٽيولز ۾ امداد جي مَدَ ۾ ته ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا، پر ان پاسي ڪنهن جو ڌيان ڪونه ويو، ته هن هيڏي عظيم الشان تهذيب (جنهن تي اسان هر عالمي پليٽ فارم تي فخر ڪريُون ٿا) جي نشانبر ٿيڻ ۽ دنيا آڏو اچڻ وارن سالن کي ملهايو وڃي! نه ئي مُهين جي دڙي جي نه پڙهجِي سگھندڙ ٻوليءَ (سنڌو لکت) جِي ڀاڃ جي حوالي سان ڪو خاطر خواهه ڪم ٿيو. حالانڪه سردار شاهه پنهنجي وزارت جي اڳئين دؤر (2016ع کان 2020ع تائين) ۾ مُهين جي دڙي تي هڪ عالمي ڪانفرنس به منعقد ڪرائي هئي ۽ ان جي ورندي سال ”انڊس اسڪرپٽ“ جي ڀاڃِ جي حوالي سان دنيا جي ٻوليءَ جي ماهرن کي مُهين جي دڙي ۾ گڏي ويهاريو به هو، پر وچ ۾ ”ڪووڊ 19“ واري دؤر اچڻ جي ڪري ان ڏس ۾ پيش رفت ڍَري ٿي وئي ۽ ان جي گذريل سالن دؤران جيڪو ڪم ٿيو هو،اهو اتي جو اتي رهجي ويو. ٿيڻ ته ايئن گھرجي ها ته انهن وچ وارن سالن دؤران ان ڏس ۾ مسلسل ڪم ٿيڻ گھرجي ها ۽ هنن گذريل ٻن سالن دؤران اسان ”مُهين جِي صدِي“ ملهائي دنيا کي اها خوشخبري ڏيون ها، ته اسان مُهين جي ٻوليءَ جي نشانين منجھان سڀ نه، ته به ڪجھه نشانيون پڙهي يا سمجھي سگھيا آهيون، جن جي معنيٰ فلاڻي فلاڻي آهي. پر اهو نه ٿي سگھيو!!
ان ڏس ۾ ”انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار دي پرزرويشن آف دِي هيريٽيج آف سنڌ“ (اِي ايف ٽي) به ڪو ٻُوٽو ڪونه ٻاريو، جنهن ۾ ويٺل ”تاحيات تعينات ٿيل“ ثقافت جي ’اِڪلوتن ٺيڪيدارن‘ وٽ موسيقيءَ جون محفلُون منعقد ڪري هڪ هڪ فنڪار کي 50، 50 لک روپيا ڏئي وفاقي راڄڌانيءَ مان پروٽوڪول سان گُھرائي، موهٽا پيليس جي اڱڻ تي سال ۾ ٽي چار دفعا ڪراچيءَ جي اشرافيا کي خوش ڪرڻ لاءِ ته بجيٽ آهي، لکين انسانن جي قاتلَ ۽ دنيا جيان سنڌ تي به ڪاهَه ڪندڙ، ”سڪندر يونانيءَ“ جي نام نهاد مڙسيءَ ۽ شجاعت کي ملهائڻ لاءِ يورپ مان عالمن کي سنڌ جي غريب عوام جي پيسي تي سنڌ گھرائي، ان قاتل جا قصيدا پڙهائڻ لاءِ ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ لاءِ ته ڪروڙين روپيا آهن، پر سنڌ جي سڃاڻپ کي دنيا ۾ رُوشناس ڪرائيندڙ ماڳ جِي صدي ملهائڻ يا هن جديد سائنسي تحقيق واري دؤر ۾ ان جي ٻولي پڙهائڻ جي حوالي سان سڄي دنيا جي دراوڙي ڪٽنبن جُون ٻوليون پڙهڻ جي ماهرن کي گڏ ويهارڻ لاءِ ڏوڪڙ ڪونهن! ٻيو ته ٺهيو پرسنڌ ۾ هيڏا ادبي ميلا منعقد ٿين ٿا، انهن مان ڪنهن به فيسٽِيوَل ۾ اوهان ڪڏهن ٻُڌو آهي؟ ته مُهين جي دڙي جي حوالي سان خاص طور ڪو ٽيڪنيڪل سيشن منعقد ٿيو هجي!؟ ۽ سنڌو لکت جي ڀاڃِ تي ڪا ڳالهه ٿي هجي!؟اسان وٽ ته سر جان مارشل جي گاڏي بيهاريندڙ گيراج جِي مرمت لاءِ به وسيلا ڪونهن، جيڪا اهڙي ڪمري ۾ بيٺل آهي، جتان هر سانوڻيءَ ۾ 20 جاين تان پاڻي اُن گاڏيءَ اندر پيو سِمندو آهي، جنهنڪري اها گاڏي هاڻي انتهائي خسته حال ٿي وئي آهي. مُهين جي دڙي جي عجائب گھر جو حال به سڀني کي ساريو پيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر اسان پنهنجي نصاب ۾ پنهنجي تاريخ جي سڃاڻپ بڻيل ان ماڳ بابت معلومات ڪنهن به سطح تي مناسب ۽ پيرائتي انداز ۾ شامل ناهيون ڪرائي سگھيا. اسان پنهنجن نسلن کي اڃا تائين اهو به ناهيون ٻڌائي سگھيا ته مُهين جي دڙي کي دنيا آڏو نروار ڪندڙ ۽ ان کي اصل ۾ دريافت ڪندڙ ’سَر جان مارشل‘ نه پر، ’ڊاڪٽر رکلداس بينرجِي‘ نالي هڪ بنگالي آرڪيالاجسٽ هو، جنهن حادثاتي طور تي مُهين جي دڙي کي ڳولي لڌو هو. سر جان مارشل ته انڊيا جي آثارِ قديمه کاتي جي سربراهه جي حيثيت سان ان ڳولي لڌل شهر بابت معلومات ۽ تصويرُون ’دي السٽريٽڊ لنڊن نيُوز‘ ۾ پهريون ڀيرو ڇپرايُون ۽ ان دريافت جو سڄو ڪريڊٽ پاڻ کڻي ڇڏيو.
رکلداس بينرجيءَ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ’مُهين جي دڙي کي ڳولي لهڻ هڪ حادثو هو، جيڪو آڪٽوبر 1917ع ۾ پيش آيو، جڏهن مان ان ماڳ جي آسپاس ئي هَرڻ جو شڪار ڪري رهيو هئس. مان اتان رستو ڀَٽڪي ويس ۽ مونکي اُتي هڪ بيلچو پيل مليو، اهڙو ئي تعميراتي اوزار ڪجھه سال اڳ مونکي سکر ضلعي ۾ روهڙيءَ مان مليو هو، جيڪو هاڻي ڪلڪتي جي عجائب گھر ۾ رکيل آهي.‘ مُهين جي دڙي جِي کوٽائيءَ کان اڳ بينرجي، انڊيا جي آرڪيولوجيڪل سروي کاتي ۾ شامل ٿيو. هو هِنَ پاسي دراصل سڪندر يونانيءَ جي ڪاهَه جي نشانَن جا پيرا کڻڻ آيو هو. جڏهن هُو مهين جي دڙي کان موٽيو ته کيس خبر پئي ته کائنس اڳ ’ڊاڪٽر آر. ڀنڊارڪر‘ پڻ ڪجھه سالَ اڳ هِن تَـرَ ۾ آيو هو ، پر اُنَ، هن علائقي (مهين جي ماڳَ) جي سرسري جائزي بعد ٻڌايو هو ته هي آثارَ رڳو ڪجھه سؤ سالَ ئي قديم آهن. پر رکلداس بينرجيءَ مُهين تي مسلسل ڪم ڪيو ۽ 1917ع بعد هُو ڪئين ڀيرا هتي آيو ۽ پوءِ بالآخر هن سنڌُوءَ ڪپَ تي مُهين جا آثارَ باقاعدي ڳولي لڌا. بينرجي پاڻ ٿو لکي: ’جڏهن آءٌ چڱيءَ ريت قائل ٿي ويس ته شايد مُهين جو دڙو ئي هندوستان جي سڀ کان قديم تهذيب آهي، ته پوءِ مون 1922ع ۾ هتي کوٽائي شروع ڪرائي. ان دريافت سنڌ سميت گڏيل هندوستان جي تاريخ کي بدلائي ڇڏيو.‘
مُهين جو مُک اسٽوپا ته آهي ٻُڌ مت دؤر جو، پر ان جي هيٺان به ته ٻه ٻيُون تهذيبون سُتلَ آهن (جنهنڪري ان شهرَ جا ٽي تَهَه آهن. )’پروفيسر ديپن ڀٽاچاريه‘ مطابق ’مُهين جي ماڳ جِي کوٽائيءَ کان اڳ زمين مٿان ڪُشن سلطنت واري دؤر جو ٻُڌمَت جو اسٽُوپا ٺهيل هو. هي سنڌُو ماٿر تهذيب جي بالڪل مٿان تعمير ڪيو ويو هو.‘ (يعني ”انڊس ويليءَ“ جي اصل تهذيب جا آثارَ انَ اسٽُوپا جي هيٺان آهن.) رکلداس بينرجِي پاڻ لکي ٿو ته ’سنه 1921ع ۾ مُون لاڙڪاڻي ضلعي جي اولهه ۾ واقع هڪ جاءِ تي هڪ کڏو ڏسي ان ۾ هٿ وِڌو ته مُنهنجي هٿ کي چِير اچي ويو. ٿڏي تي ماڻهن چيو ته مونکي شايد ڪنهن نانگ ڪَکيو آهي. جڏهن مون ان (ممڪنه) بَلا کي مارِڻ جي ڪوشش ڪئي، ته منهنجي هٿ ۾ هڪ نه پر، ڏهَه (10) بَرنيُون اچي ويو، جيڪي ان مٿاڇري کان ٿورو اندر ئي دٻيلَ هيُون. هڪ اهڙي ئي بَرنيءَ ۾ پٿر جي هڪ ڪاتي رکيلَ هئي، جنهن سان منهنجي آڱر وَڍجي پئي هئي ۽ اهو ڪو نانگ جو ڏنگُ نه هو. انهن مان هر برنيءَ ۾ ماڻهوءَ جي هڪ هڏي ۽ ڪجھه چانور، جَـوَ، تماڪُ ۽ شيشي جُون ڪجھه شيُون موجود هيُون. انهن شين جي دريافت بعد مان سمجھي ويس ته سنڌو ماٿريءَ جي ڏاکڻين حصي ۾ موجود کنڊرَ هندوستان جي اُتريَن علائقن مان لڀندڙ ڊٺلَ آثارن کان گھڻا مختلف آهن.‘ مُهين جي ماڳ جي پهريان رکلداس بينرجيءَ کوٽائِي ڪرائي، پوءِ ’مَڌُو سوارپ ڀٽَ‘ ان ڪم کي جاري رکيو. رکلداس بينرجيءَ 1924ع ۾ جُون جي مهيني ۾، انڊين آثارِ قديمه کاتي جي سربراهه سر جان مارشل کي ان دريافت بابت ٻُڌايو، جنهن ان ماڳ بابت معلومات ۽ تصويرُون پهريون ڀيرو ’دي السٽريٽڊ لنڊن نيُوز‘ ۾ شايع ڪرايُون. پر هن ان مضمون ۾ مُهين جو دڙو ڳولي لهندڙن ۾ نه رکلداس بينرجيءَ جو ذڪر ڪيو، نه ئي هڙپه ڳولي لهڻ واري ’ڏيارام سهانيءَ‘ جو. جيڪا مارشل جي تمام وڏي قلمي بدديانتي آهي.
اڄ اوهان دنيا ۾ ڪٿي به ”سنڌ“ جو ذڪر ڪندا ته ماڻهو سنڌ کي ورلي سُڃاڻيندا، پر ”مُهين جي دڙي“ يا ”انڊس ويليءَ“ جو ذڪر ڪندا، ته هر ڪو ان بابت نه رڳو ڄاڻندو هوندو، بلڪه دنيا جِي قديم تهذيب طور ان جو معترف به هوندو. گذريل ٻَئِي سال ان عظيم تهذيب جي نقاب ڪشائيءَ ۽ دريافت جا سالَ اسان ماٺ ۾ گذاري ڇڏيا. ايندڙ سالن ۾ اسان پنهنجي ان عالمي شناخت تان ڌُوڙ صاف ڪرڻ ۽ ان جِي ٻولي پڙهڻ جي ڏس ۾ ڪا عملي ڪوشش ڪنداسين؟ يا گذريل سالن جيان جُھمرين ۽ هنبوشين ۾ سڀاڻي شروع ٿيندڙ سالُ ۽ ان کانپوءِ ايندڙ هر سال به گذاري ڇڏينداسين!؟
ڊسمبر 31, 2024