روحاني شخصيت “قاضي غلام عمر جوڻيجو” رحھ (ڊرگھ، قمبر)
قاضي آصف علي جوڻيجو
اڄ ڳوٺ کاهي مينهون تعلقي قنبر۾منهنجي ڏاڏا سائين، قاضي غلام عمر جوڻيجي جي 78 هين عرس جي تقريب سندس مزار شريف تي منعقد ڪئي وئي. قاضي غلام عمر رحھ ۽ سندس والدِ محترم قاضي عبداللطيف رحھ صوفي طريقت جا بزرگ، باڪمال حڪيم ۽ شاعر رهيا آهن. بزرگن جي خانداني شجري مطابق، اسان جي وڏڙن جو تعلق ٺٽي جي ڄام نندي واري خاندان سان هو. سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي ظالماڻي ڪاھھ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڦرلٽ سبب اتان لڏي نوشهروفيروز جي ڳوٺ ڪالوڙڪي ڪوٺي( جنهن جو موجودھ وقت ۾ نالو ۽ نشان نـ ٿو ملي) اوڏانھن لڏ پلاڻ ڪئي. نوشهروفيروز ۾ بـ اسان جي وڏڙن مٿان حڪمرانن جون تڪليفون ختم نـ ٿيون تـ تمام پراهين، گم نام علائقي پراڻي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ۽ ھاڻوڪي ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ جي تعلقي قمبر کان اولھھ طرف 12 ڪلوميٽر اوله طرف ڳوٺ مينهي جي کاهي کي پنهنجو مسڪن بڻايو.اسان جا وڏڙا ٻڌائيندا هئا ته نوشهروفيروز جا قاضي اسان جا مائٽ آهن پر ڊگهي فاصلي سبب رابطا برقرار نه رهي سگهيا.
وڏڙا بڌائيندا هئا، ۽ ڪجه آثار اسان بـ ڏٺاسين تـ ڊرگه ڍنڍ جي ڪناري تي موجود کاهي تمام وڏوڳوٺ، علائقي ۾ واپار جو مرڪز رهيو. هندو بـ وڏي تعداد ۾ رهندا هئا.اسان جي خاندان جي صوفي، ۽ غير فرقيواراڻي سوچ ۽ عمل جو اهو مثال آهي تـ اسان جي پڙڏاڏا جو نالو قاضي عبداللطيف هو، ان پنهنجي وڏي پٽ جو نالو غلام عمر رکيو. ڏاڏا سائين غلام عمر پنهنجي وڏي پٽ جو نالو علي جان، ۽ ننڍي پٽ جو نالو رجب علي رکيو. غير فرقيواراڻي سوچ رڳو اسان جي خاندان جي نـ پر ان وقت سموري سنڌ مذهبي ۽ فرقيواراڻي انتهاپسندي کان گهڻو پري هئي.اسان جي خاندان وٽ فارسي، عربي، سنڌي اردو جان سوين ڪتاب هئا جنهن جا اٺ، ڏه ڪاٺ جا وڏا ڪٻٽ هيٺ کان مٿي تائين ڀريل هوندا هئا.
قاضين جي ويڙهي ۾ ڏاڏا عبداللطيف جي خاندان ۾ هر گهر ۾ صديون پراڻن ڪتابن جا ڪٻٽ ڀريل هوندا هئا. ڪجه هاڻ بـ موجود آهن. ڏاڏا سائين غلام عمر صوفي بزرگ، پنهنجي علائقي جو تمام باڪمال حڪيم ۽ شاعر هو. سندس شاعري سنڌي ۽ فارسي ۾ موجود آهي. قاضي غلام عمر جي فڪر ۽ فلسفي جو تعلق انسان دوستي سان هو. پنهنجي ان روش سبب هو علائقي جي با اثر ماڻهن جي نشاني تي بـ رهيو. کيس اغوا ڪري قيد بـ ڪيو ويو، پرآزاد ٿيڻ کانپوءِ هن انهن سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو جن کيس تڪليفون پهچايون هيون. پڙڏاڏا قاضي عبداللطيف ۽ ڏاڏا قاضي غلام عمر سان محبت، عقيدت رکندڙ، پنهنجي علائقي کان علاوه، ڪراچي، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، نصيرآباد، شهدادڪوٽ ۾ بـ وڏي تعداد رهيا آهن. اسان ننڍپڻ کان سندس ٻارهي، يا عرص تي سندن مزار جي چوديواري ۾ بابا بلهي شاه، سچل سرمست، ڪبير، شاهه لطيف جي شاعري ڳائبي ٻڌي،اڄ به جاري آهي. اھي روايتي پيرنـ هئا، جن بهانا ۽ ڊراما ڪري غريب مريد مار ڪئي هجي. هنن حقيقي انسانيت سان محبت جو پيغام عام ڪيو. پنهنجي ڪنڊ ۾ علم جي شمع روشن ڪئي. عبادتون بـ ٺيڪ پر عملي طور بهتر، مدد گار، ڀرجهلو انسان ٿيڻ جي تربيت ڏني. ڇوڪرين جا اسڪول نـ هئا تـ پنهنجن نياڻين کي گهر ۾ تعليم ڏياري. سندن علم، تعليم، تحقيق سان عشق هو.هن علم تي تحقيق ڪئي تـ طب، ميڊيڪل، ڪيمسٽري تي بـ تحقيق ڪئي ۽ نتيجا اخذ ڪيا. سندس ان علمي ۽ تحقيقي شاهوڪاري جيڪري، بااثر ماڻهن سمجهو تـ قاضي غلام عمر وٽ سون ٺاهن جو نسخو آهي، هو سون ٿو ٺاهي. انڪري مٿس تڪليفون بـ آيون.
ڏاڏا سائين جي غلام مصطفي قاسمي رحھ سان راه رسم رهي. ڏاڏا سائين جو ڳوٺ ۽ قنبر شهر ۾ گوپانگن جي پاڙي ۾ بـ تمام وڏو مطب هو.سندس شاعري ۽ تحقيقي ڪم سهيڙڻ شروع ڪيو آهي، تـ جيئن ان کي ڇپائي سگهجي. محترم قاضي غلام عمر جو تماچاڻن، سکر جي مهرصاحبن، لٻاڻن، صديقين، شيخن، پيرزادي، سومرن ۽ ٻين سان خصوصي محبت جو رشتو رهيو، جيڪو اڄ بـ قائم رهيو اچي. هنن سنڌ جي هن ڪنڊ ۾ علم، عقل، انسانيت سان محبت جي شمع، بنا ڪنهن ڏيکاءَ جي جاري رکي. سندن محبتن مان هزارين ماڻهون فيضياب ٿيا. انهن ماڻهن جي پيڙهين جي محبت اڄ بـ جيئن جو تيئن موجود رهندي اچي.