بُمرا دنيا جي عظيم بالرن جي فهرست ۾ شامل

Spread the love

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسٽار بالر جسپريت بمرا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بهترين ايوريج سان 200 وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، ميلورن ڪرڪٽ گرائونڊ ۾ آسٽريليا خلاف ميچ دوران ڪينگرو بيٽر ٽرويس هيڊ کي آئوٽ ڪري بمرا پنهنجي 200 هين وڪيٽ حاصل ڪئي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي عظيم ترين فاسٽ بالرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو.
ٻه سئو کان وڌيڪ ٽيسٽ وڪيٽون وٺندڙ 85 بالرن مان رڳو 12 اهڙا آهن جن بمرا کان گهٽ ميچن ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو.
بمرا ميلبرن ڪرڪٽ گرائونڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي 44 هين ٽيسٽ دوران اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو. 19.56 جي بهترين ايوريج سان بمرا هن فهرست ۾ سڀني کان مٿي آهي، ان کانسواءِ 200 وڪيٽن لاءِ 4 هزار کان گهٽ رنسون ڏيندڙ دنيا جو پهريون بالر بڻجي ويو.
42.4 جي اسٽائيڪ ريٽ (يعني هر 7 اوور ۾ هڪ وڪيٽ) سان بمرا رڳو وقار يونس، ڊيل اسٽين ۽ ڪگِيسو ربادا کان پوئتي آهي، جيڪي سڀئي شاندار فاسٽ بالر آهن.
بمرا جو ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ رڪارڊ پڻ شاندار آهي، هن انهن ملڪن ۾ ڪنهن به ڀارتي فاسٽ بالر کان وڌيڪ وڪيٽون ورتيون آهن.
بمرا جي 200 وڪيٽن مان 64 وڪيٽن ٽاپ ٿري بيٽرز جون آهن، هن مخالف ٽيمن جي اوپنرز کي 50 ڀيرا آئوٽ ڪيو ۽ ون ڊائون نمبر تي بيٽنگ لاءِ ايندڙ بيٽرز کي 14 ڀيرا آئوٽ ڪيو.
چوٿين نمبر تي ايندڙ بيٽر اڪثر ٽيمن جو سڀ کان اهم بيٽر هوندو آهي، ۽ بمرا ان پوزيشن تي ايندڙ بيٽرز کي 30 ڀيرا آئوٽ ڪيو.
جسپريت بمرا جي ٽاپ فور وڪيٽن جو تناسب عالمي سطح تي ستين نمبر تي ۽ ڀارتي بالرن ۾ سڀ کان بهترين تناسب آهي.

ڊسمبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو