پي ٽي آءِ وارا ڳالهين لاءِ سنجيدا آهن پر گارين کان ڊڄن ٿا: راڻا ثناءُ الله

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعطم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو ڳالهين لاءِ ايترو ئي سنجيدا آهن جيترو اسان آهيون پر هو اِها ڳالهه کُلي ڪري نٿا ڪري سگهن ڇو ته کين ڊپ آهي ته پنهنجي سوشل ميڊيا تان ايتريون گاريون ملنديون جو ڏچي ۾ پئجي ويندا آهن.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڄ جيڪڏهن حالتون اتي پهتيون آهن تي ان ۾ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا مهم ۽ الزامن جو ڪردار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين وارو عمل 31 جنوري تائين مڪمل ٿيڻ ۾ ڪا به پريشاني نه ٿيندي.

ڊسمبر 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو