اهم آسٽريلوي بيٽر پي ايس ايل ڊرافٽ لاءِ رجسٽرڊ

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايلڪس ڪيري به پاڪستان سپر ليگ جي پليئرز ڊرافٽ لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي ورتو.
پي سي بي ايندڙ مهيني پليئرز ڊرافٽ لاءِ رجسٽرڊ ٿيندڙ هڪ ٻيو نالو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي موجب، آسٽريلوي ڪرڪيٽر ايلڪس ڪيري به پاڪستان سپر ليگ جي پليئرز ڊرافٽ لاءِ رجسٽرڊ ٿي ويو آهي.
آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايلڪس ڪيري 108 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ٻن سينچرين سميت 2387 رنسون ٺاهي چڪو آهي.
پي سي بي ان کان اڳ شڪيب الحسن ۽ ڊيوڊ ملان جي رجسٽريشن جي به تصديق ڪري چڪو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ 10 جي پليئرز ڊرافٽ تقريب 11 جنوري تي بلوچستان جي شهر گوادر ۾ ٿيندي.