سڪرنڊ: سنڌ جي قومي راڳي شهيد سرمد سنڌي جي 28 هين ورسي جسقم پاران ملهائي وئي

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سنڌ جي قومي راڳي شهيد سرمد سنڌي جي 28 هين ورسي جسقم پاران سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ جسقم جي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ذوالفقار علي کوکر جي صدارت هيٺ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي ان موقعي تي شهيد سرمد سنڌي جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي
ورسي تقريب کي جسقم اڳواڻن ذوالفقار کوکر ، قدير سنڌي ، گلشير ، سالار ۽ ٻين الڳ الڳ خطاب ڪندي چيو ته سرمد سنڌي پنهنجي سريلي آواز ۾ سنڌ جو پيغام دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو جنهن ۾ سنڌ جي ماڻھن جي پيڙا به شامل هئي ته جدوجهد به ، اتساھ به هو ته عشق به هو ان ڪري اسين سمجهون ٿا
سرمد جي گيتن ۾ جي ايم سيد ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو پيغام شامل هو سرمد توڙي جو اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو آهي پر هُو قومي گيتن جي صورت ۾ اسان وٽ اڄ به زنده آهي هنن چيو ته سائين جي ايم سيد جو نظريو حق تي قائم آھي
ان ڪري اسين پراميد آهيون ته هڪ ڏينهن سنڌ ضرور آزاد ٿي پنهنجي پراڻي آزاد وطن واري حيثيت مڃرائيندي . هنن وڌيڪ چيو ته سرمد سنڌي جو نالو رحمان مغل هو پر سائين جي ايم سيد کيس سرمد سنڌي جو لقب ڏنو جيڪو سندس ساھ جي آخري سڳي تائين برقرار رهيو هنن اهو پڻ چيو ته راڳي شاعرن جا محتاج هوندا آهن پر سرمد اهو واحد راڳي هو جنهن شاعرن کي به سندن گيتن ذريعي مشهور ڪيو اهو ئي سبب آهي
جو اڄ جڏھن سرمد جو قومي گيت هلي ٿو ته سنڌي نوجوان جو جذبو جوان ٿئي ٿو اڄوڪو پروگرام ڪري جسقم جا دوست کيرون لهڻن جسقم آريسر قومي تحريڪ جي ماءُ آهي ان ڪري هر سنڌي ماڻھو ان تحريڪ سان ويجهو رهي ته جيئن سنڌ جي آزادي لاءَ جدوجهد کي سگهارو ڪري سگهجي ان موقعي جسم تعلقه صدر حسين چانڊيو ، قدير لغاري ، شڪيل انڙ . اسلم.انڙ ، دائود چانڊيو پڻ شريڪ هئا.
ڊسمبر 27, 2024