عمران خان ڪيسن کي منهن ڏئي بي ڏوهه ثابت ٿي ٻاهر نڪرندو: عليما خان

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ پنهنجي ڪيسن جو مقابلو ڪري پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندو ۽ پوءِ ٻاهر نڪرندو.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته مان هائوس اريسٽ ۾ نه ويندس، سڀ قيدي آزاد ڪيا وڃن، جيڪڏهن مون کي جيل ۾ رکڻو آهي ته رکيو وڃي.
سندس موجب باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته ملڪي معيشت لاءِ ٽي شيون اهم آهن، قانون جي حڪمراني، سياسي استحڪام ۽ امن ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ ضروري آهن.

ڊسمبر 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو