قائد اعظم رحھ جي ويزن تحت ملڪ کي ترقي وٺرائي سگھجي ٿي
سموري قوم اڄ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح رحه جي ڄم جو ڏھاڙو نھايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي رھي آھي. انھيءَ حقيقت کان ڪڏھن بھ انڪار نھ ٿو ڪري سگھجي تھ برِ صغير ھند جي عوام پاران فرنگي حڪمرانن جي ظلم، جبر، ڦر، مار، استحصال خلاف جيڪا تحريڪ ھلائي ھئي، انھيءَ تحريڪ جي ڪاميابي جو سھرو برصغير کي آزاد ڪرائڻ وارن سمورن مجاهدن ڏانهن وڃي ٿو، جن فرنگين جي ظلم، ڏاڍ، جيلن، ڦاهين، ڪوڙن سميت غير انساني تشدد واريون سزائون ڪاٽي پنهنجي ڌرتي تان فرنگين جي قبضي خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي هئي، انهن سمورن شهيدن توڙي غازين کي سلام پيش ڪجي ٿو، اهڙي جدوجهد جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ قائد اعظم محمد علي جناح رحھ ڏانھن به وڃي ٿو، جنھن حقيقي طور تي فرنگين کان ڌار ملڪ آزاد ڪرائي “پاڪستان” جو بنياد رکيو. اھڙي جدوجھد ۾ برصغير جي سموري عوام سميت پاڪستان ۾ موجود سمورن صوبن خاص ڪري “سنڌ” صوبي جي اسيمبلي جو اھم قردار به تاريخي طور تي موجود آھي، جنھن سڀ کان پھريائين قرارداد پاس ڪري نئين ۽ الڳ ملڪ جي گھر ڪئي ھئي. ھتي اسان پاڪستان جي عوام کي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي ڄم جي مبارڪ پيش ڪندي موجودھ پاڪستان جي سياسي، سماجي، معاشي، سفارتي منظر نامي تي سرسري روشني وجھنداسين تھ اسان جنھن پياري ملڪ ۾ ساھھ کڻندي عظيم اڳواڻ ۽ پاڪستان جي باني جي سالگرھ ملھائي رھيا آھيون تھ ان وقت اسان جي فرضن ۾ اھو بھ شامل آھي تھ اسان کي رياستي ترقي، عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سان بھ غور ويچار ڪرڻ گھرجي تھ ڇا اسان پنھنجي عظيم ڌرتي واري رياست کي قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن تحت ترقي وٺرائڻ ۾ڪامياب ٿيا آھيون، يا اسان کان بحيثيت ھڪ قوم جي غلطيون ٿيون آھن؟ ان حوالي سان جيڪڏھن اسان کان بحيثيت قوم جي غلطيون ٿيون آھن تھ اڃان به وقت آھي تھ اھڙين غلطين کي دور ڪرڻ لاءِ ھنگامي بنيادن تحت قدم کڻي قائد اعظم محمد علي جناح رحه جي روح کي راحت پھچائي، ملڪ کي ترقي وٺرائي ۽ عوام کي بنيادي حق مهيا ڪري عظيم قوم بڻجي سگھون ٿا. پر افسوس ته ائين ناهي ٿي سگهيو، ملڪ جي 73 سالن جي تاريخ ۾ ڳچ عرصو فوجي آمرن جمھوري نظام کي لتاڙيندي ۽ آئين جا بکيا اڍيڙيندي ملڪ تي غير قانوني طور تي حڪومت ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ ترقي نھ ڪري سگھيو، رپئي جي بي قدري ڪئي وئي، آءِ ايف ايم جي فرمائش تي رپئي جي قدر کي ڊي ويليو ڪيو ويندو رھيو، ملڪ جي ادارن جي سھولتڪاري سبب بجلي ڪمپنين کي عوام کان ڦرمار لاءِ ماحول پيدا ڪيو ويو، ھر گھر لاءِ اھم ضرورت گيس جي ٽيرف ۾ ايترو تھ اضافو ڪيو ويو جو عوام ان کي قبول ڪرڻ کان قاصر بڻيل آھي، نام نهاد حڪمرانن جي سهولتڪاري سبب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي. اھو ئي سبب آھي جو گذريل ڏھاڙي ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ جي معزز جج صاحبن جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس جمال مندوخيل پاران ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا تھ “ رياستي ادارا انجينئرنگ ۾ لڳل ھوندا تھ رياست جو خراب حال ٿيندو”، ھڪڙي ٻئي ريمارڪس ۾ معزز جج صاحبن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا تھ “رياست جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ٽي وزيرِاعظم مارايا ويا، ٽنهي وزيراعظمن جي ڪيسن جو ڇا ٿيو؟ بلوچستان ۾ هڪ سينيئر ترين جج به ماريو ويو، 40 سالن کان پوءِ چونڊيل وزيراعظم جي قتل جو اعتراف ڪيو ويو، وزيراعظم جي قتل کان وڏو ڏوهه ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ اهڙي ڪيس ۾ڪنهن کي ته ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ گهرجي ها، جنهن ملڪ ۾ وزيراعظم جو اهڙو حال هجي ته عام ماڻهو جو ڪهڙو حال هوندو؟ وزيراعظم هڪ ڏينهن وزيراعظم هائوس ته ٻئي ڏينهن جيل ۾ هوندو آهي، ڪنهن کي خبر ناهي هوندي ته ڪير ڪيترا ڏينهن وزيراعظم هوندو. ملڪ جون اهڙيون ڳنڀير حالتون قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن جي بلڪل ابتڙ آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان کي قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن تحت ترقي وٺرائڻ لاءِ ٺوس بنيادن تحت حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
ڊسمبر 25, 2024