پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي اسپيڪر جي ملاقات جي دعوت قبولي ورتي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان ملاقات جي دعوت قبولي ورتي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم تصديق ڪئي ته اسان اياز صادق جي ملاقات جي دعوت قبول ڪئي آهي.
هن چيو ته اسان جي ڪميٽي ملاقات لاءِ ويندي، ملاقات جي اڳڀرائي کان عمران خان کي آگاهه ڪيو ويندو، سول نافرماني تحريڪ ملتوي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو عمران خان ڪندو.
سندس چوڻ هو اميد ته حڪومتي ڪميٽي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي.