ٺٽي جي ملهه پهلوان جي گرفتاري ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف رزاق آباد ۾ احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ٺٽي جي ملهه پهلوان جي گرفتاري ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف رزاق آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، پوليس ۽ بااثر ڌرين خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعرا، اياز شاھ بخاري سنڌ جو اثاثو آهي، عام چونڊن ۾ بااثر ماڻهو سامهون اليڪشن ۾ بيهڻ تي کيس انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي،

کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، نياز شاھ، نبي بخش شيخ، مشتاق گبول ۽ ٻين جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : سنڌ جي نامياري ملهه پهلوان سيد اياز علي شاھ بخاري کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ٺٽو پوليس هٿان گرفتار ڪرائڻ خلاف رزاق آباد ۾ نوجوانن نياز علي شاھ، نبي بخش شيخ، مشتاق گبول، نادر شاھ، نند لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

 مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو اياز شاھ کي آزاد ڪريو، ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي آهي

جيڪڏهن ڪير به بااثر ماڻهن خلاف آواز بلند ڪري ٿو ته هن کي ونگاري پوليس هٿان ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي گرفتار ڪرايو وڃي ٿو سيد اياز علي شاھ بخاري هڪ شريف گهراڻي سان تعلق رکي ٿو جنهن کي سڄي سنڌ ۾ ملهه پهلوان هئڻ ناتي سڃاتو ويندو آهي

گذريل عام چونڊن ۾ بااثر ايم پي اي خلاف چونڊ وڙهڻ جي پاداش ۾ کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي تنگ ڪيو پيو وڃي

 هنن چيو ته چونڊون وڙهڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي پر ذاتي انا جو مسئلو ٺاهي طاقت جو غلط استعمال ڪرڻ سراسر ظلم ۽ بربريت آهي هنن سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته سيد اياز علي شاھ بخاري کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

ڊسمبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو