قومي اسيمبلي اسپيڪر ڳالهين لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ڪميٽين جو پهريون اجلاس طلب ڪري ورتو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪميٽي جوڙڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.
اسپيڪر سردار اياز صادق حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڳالهين واري ڪميٽي کي ملاقات جي دعوت به ڏئي ڇڏي، ٻنهي ڪميٽين جو پهريون اجلاس سڀاڻي اسپيڪر چيمبر ۾ 11 وڳي ٿيندو.
سردار اياز صادق چيو ته مسئلن کي ڳالهين سان حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جو قدم سٺو سنئوڻ آهي، ٻنهي ڪميٽين جي ميمبرن سان پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات ڪندس.
هن چيو ته ايمانداري سان حڪومت ۽ اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، ڳالهين سان ئي اڳتي وڌي سگھجي ٿو.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن ۾ اسحاق ڊار، رانا ثناءُالله، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، خالد مقبول صديقي ۽ چوڌري سالڪ حسين شامل آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر پڻ حڪومت طرفان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت پنهنجي جماعت کي سول نافرماني جي تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.