عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي

Spread the love

راولپندي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو سڀاڻي نه ٻڌايو ويندو.
احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪندي اعلان ڪيو هو ته اهو 23 ڊسمبر تي ٻڌايو ويندو پر هاڻ ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصلو سڀاڻي نه ٻڌايو ويندو.
ذريعن موجب 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي اڊيالا جيل بدران احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي عملي طرفان ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ احتساب عدالت اسلام آباد سڀاڻي فيصلي جي نئين تاريخ ڏيندي.
ذريعن موجب 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو جنوري 2025 جي پهرئين هفتي ٻڌايو ويندو.

ڊسمبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو