شير افضل مروت جي تحريڪ انصاف کي سول نافرماني تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت حڪومت طرفان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ کانپوءِ پنهنجي پارٽي کي سول نافرماني جي تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته حڪومت طرفان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جو قيام سٺو سنئوڻ آهي، پارٽي کي تجويز ڏيان ٿو ته اسان کي سول نافرماني جي تحريڪ ملتوي ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت جي ڪميٽي کي موقعو ڏيڻ گهرجي.
هن چيو اميد آهي ته ڳالهين جي عمل ۾ ٻنهي ڌرين جو هاڪاري ڪردار هوندو، سياسي استحڪام لاءِ ڳالهين جو عمل انتهائي ضروري آهي، اميد آهي ته ڳالهين جا هاڪاري نتيجا نڪرندا.