سکر : سنڌو درياهه مٿان ڪينال ڪڍڻ، ارسا ايڪٽ ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ پاران زبردست ريلي
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سنڌو درياهه مٿان ڇهه نوان ڌاڙيل ڪينال ڪڍڻ، ارسا ايڪٽ ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف سکر ۾ عوامي تحريڪ طرفان زبردست ريلي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، پاڪستان ڪسان رابطا ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، سنڌ سھائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سيڪريٽري جنرل ارشاد پيرزادو، مجيد نواز مغل، عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، سرواڻ جتوئي، ڊاڪٽر ماروي سنڌو، شمشاد ٻپڙ، ماهه نور ملاح، ريحانا بلوچ، عظمت هاليپوٽو، ايڊووڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو، نويد عباس ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.
ڊسمبر 22, 2024