ڪشمور ۾ بااثرن جي ناجائزين خلاف شهري نيشنل پريس ڪلب پھچي ويو

Spread the love

ڪشمور ( رپورٽ: طلعت نظير دايو) ڪشمور ۾ بااثرن جي ناجائزين خلاف شهري لالا سيف الله ڪلوڙ نيشنل پريس ڪلب ڪشمور پھچي ڏانھي ٿيندي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل اٺن مھينن کان مونکي ۽ منهنجي فيملي کي بااثر قاضي قابل ڪلوڙ، ارشد ڪلوڙ ،امجد ڪلوڙ ،راشد ڪلوڙ ۽ ايڪسائيز ملازم عبدالستار ڪلوڙ موت مار ڌمڪيون ڏين ٿا

ڪجهه ڏينهن پھريان ساڳين بااثرن پاران منهنجي ڀاءُ مٿان حملو ڪري سخت زخمي ڪيو هو جنهن جو ڪيس ڪشمور ٿاڻي تي به داخل آهي ھاڻي ساڳيا جوابدار اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏين ٿا

جنهن ڪري اسان جي زندگين کي خطرو آهي اسين ڪاروباري ماڻهو آهيون اسان کي ڌمڪائي ڀتو گھريو پيو وڃي ڀتو نه ڏيڻ ڪري اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

متاثرن ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي ۽ آئي جي سنڌ سميت وس وارن کان اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي.

ڊسمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو