ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر باھ متاثرن وٽ پهچي ڪمبل، راشن، مڇر داني ۽ ٻيو سامان ورهايو

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ پيرومل ٿاڻي جي حد ڳوٺ جنگي خان بگٽي ۾ اوچتو باهه لڳڻ واري واقعي جو ايم اين اي شازيه عطا مري ۽ سينيٽر قراة العين مري نوٽيس ورتو، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر شفيق احمد آريسر باھ متاثرن وٽ پهچي ڪمبل، راشن، مڇر داني ۽ ٻيو سامان ورهايو،

ياد رهي ته باھ لڳڻ سبب 8 ڪکاوان گهرن سميت چار ورهين جي ٻارڙي ، ٻڪريون ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو هو، باھ متاثرين سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل هئا،

 ان موقعي تي باھ متاثرن ايم اين اي شازيه عطا مري ۽ سينيٽر قرة العين مري جو شڪريو پن ادا ڪيو. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر شفيق احمد آريسر جو چوڻ هو ته باھ سبب وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، رپورٽ اعليٰ اختيارين کي ڏني ويندي ۽ متاثرن کي وڌيڪ مالي مدد ڏني ويندي.

ڊسمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو