نواب شاھ: اروڙ يونيورسٽي پاران مختلف ڪيٽيگريز ۽ ليڪچررن جي ڀرتي واري ٽيسٽ ورتي وئي
نواب شاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) اروڙ ٽيسٽنگ سروس “ATS” اروڙ يونيورسٽي پاران شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد نوابشاھ ۾ مختلف ڪيٽيگريز لا۽ ليڪچررن جي ڀرتي واري ٽيسٽ ورتي وئي
جنھن ۾ 400 جي لڳ ڀڳ اميدوارن حصو ورتو. ان موقعي تي شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي وائيس چانسلر انجينيئر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ، اروڙ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر زاھد حسين کنڊ امتحاني سينٽرن جو معائنو پڻ ڪيو.
جڏھن ته اروڙ ٽيسٽنگ سروس جي عملي سان گڏ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي ڊينز، پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير ميمڻ، انتظامي آفيسرن ۾ آصف علي زرداري، محمد طفيل ميمڻ، ڪاشف نوراني، محمد زمان راٺوڙ، عماد الله ھيسباڻي، محبوب علي مري، صادق رند، رسول بخش لاشاري ۽ ٻين پڻ امتحاني سينٽر تي موجود ھيا. ٿرڊ پارٽي جي حيثيت سان اروڙ ٽيسٽنگ سروس پاران ھن ٽيسٽ کي وڌيڪ شفاف بنائڻ لا۽ 19 امتحاني بلاڪن ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرا، مائڪ ۽ اسپيڪر سسٽم ۽ ٻيا بندوبست ڪيا ويا ھئا.
ان موقعي تي وائيس چانسلر شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ چيو ته شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ھميشہ استاد جھڙي اھم شعبي ۽ ٻين شعبن ۾ ٿيندڙ ڀرتين ۾ نج ميرٽ کي اھميت ڏني آھي جيئن ڪنھن بہ اميدوار ۾ مايوسي جو عنصر پيدا نه ٿي سگھي.
ڊسمبر 21, 2024