شھرين جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري کين ريليف فراھم ڪيو وڃي: ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد

Spread the love

نواب شاهه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند )  ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ ضلع شھيد بينظيرآباد جي عوام جي سڌ لاءِ پڌرو ڪيو آھي تہ ضلع انتظاميه جي ڪوشش رھي  آھي تہ شھرين جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري کين ريليف فراھم ڪيو وڃي انھي سلسلي ۾ ضلع انتظاميه پاران ڊي سي آفيس ۾ عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ سھولت/  شڪايتي مرڪز قائم ڪيو ويو آھي

 جتي شھري پنھنجا جائز مسئلا حل نہ ڪندڙ ضلع جي ڪنھن بہ اداري بابت پنھنجون شڪايتون لکت ۾ داخل ڪرائي سگھن ٿا

 ڊپٽي ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ آھي تہ شھري  پنھنجا جائز ڪم نہ ٿيڻ بابت پنھنجون شڪايتون سومر کان جمعي تائين صبح جو 9 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين لکت ۾ سھولت /شڪايتي مرڪز ۾ داخل ڪرائين تہ جئين انھن جي شڪايتن جو جائزو وٺي حل ڪرائي سگھجن.

ڊسمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو