سکر چيمبر ٽيڪس ڏيندڙن ۾ اضافي ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو: محمد خالد ڪاڪيزئي

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)سکر ايوانِ صنعت و تجارت جي صدر محمد خالد ڪاڪيزئي ۽ ٻين اراڪنين  چيو آهي ته حڪومت طرفان ٽيڪس بل ۾ ترميم کي بهتر طريقي سان لاڳو ڪرڻ سان ٽيڪس ڏيڻ وارن ۾ خاطرخواهه اضافو ٿي سگهي ٿو۔ انهن خيالن جو اظهار هنن قومي اسمبلي ۾ ٽيڪس بل ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪرڻ کان پوء ڪيو۔

تجويز ۾ “فائلرز” کي “اهل” يعني فعال ٽيڪس ڏيندڙ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ فائلر جي خاندان جا ويجها افراد پڻ استثنيٰ حاصل ڪندا، جڏهن ته “نان فائلرز” کي “نا اهل” يعني ٽيڪس ادا نه ڪندڙ افراد طور واضح ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد نا اهل ٽيڪس ڏيندڙن کي جائيداد، 800 سي سي کان وڏي گاڏي يا ٻيا اثاثا خريدڻ ۽ بينڪنگ ٽرانزيڪشن محدود ڪرڻ آهي، جڏهن ته نان فائلرز کان وصول ٿيندڙ ٽيڪس جو حجم 700 ارب روپين کان وڌيڪ آهي۔

محمد خالد ڪاڪيزئي چيو ته سکر چيمبر ٽيڪس ڏيندڙن ۾ اضافي ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو، پر هنن ان اقدام تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عام ماڻهن کي فليٽ، گهر، دڪان، گاڏين جي خريد وفروخت ۾ مشڪلاتون پيش اينديون، جنهن سان تعميراتي، ٽرانسپورٽ، ريل اسٽيٽ ۽ انهن سان ڳنڍيل صنعتن جو ڪاروبار متاثر ٿيندو۔

هنن وڌيڪ چيو ته هن بل ۾ نون ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ مراعاتي اسڪيم پڻ متعارف ڪراڻي گهرجي ته جيئن ٽيڪس ڏيندڙن ۾ خاطرخواهه اضافو ممڪن بڻائي سگهجي۔

ڊسمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو