دادو ۾ پوليس پاران ڇاپا، انساني اسمنگلنگ ۾ ملوث ڏوهارين گرفتار
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ پوليس جي هڪ جڳهه تي ڇاپا مار ڪاروائي ڪري انساني اسمنگلنگ ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، دادو شهر جي بي سيڪشن پوليس ايس ايس پي دادو ڪئپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي هڪ جڳهه تي چاپو هنيو،
پوليس انساني اسمنگلنگ ۾ ملوث ڏوهارين کي هڪ عورت سميت گرفتار ڪري ورتو، بي سيڪشن پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو گرفتار ڄاڻايل جوابدارن جي سڃاڻپ ملتان جو رهواسي سرفراز ولد محمد صادق راجپوت ۽ سليم ولد علي نواز ڀٽو طور ٿي آهي جوابدار سليم ڀٽو دادو جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو،
ايس ايڇ او بي سيڪشن سيد امتياز شاهه موجب گرفتار جوابدارن انڪشاف ڪيا آهن ته پنجاب مان عورتون اسمنگلنگ ڪري هتي مختلف فحاشي جي اڏن تي موڪليندا آهيون ۽ انهن ئي عورتن کان ٻيا ڪم به ورتا ويندا آهن
هن چيو ته پوليس کي ڳجھو اطلاع ملڻ تي اهڙي ڪاروائي ڪئي آهي، 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي،
جڏهن ته پوليس 2 جوابدارن کي هڪ عورت سميت ڇاپي دوران گرفتار ڪيو آهي، ٻئي طرف ايس ايس پي دادو جي هدايتن تي پوليس اسٽيشن ڪي اين شاهه جي حدن ۾ 13 سالن جي ٻالڪ (ض-ک) سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ايس ايڇ او ڪي اين شاهه موجب جوابدار جي سڃاڻپ سجاد کوسو طور ٿي آهي.
ڊسمبر 21, 2024