دادو: سيپڪو پاران اعجاز احمد چنا جي هدايت تي ڊويزن آفيس ۾ کليل ڪچھري منعقد
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سيپڪو دادو پاران سي او سيپڪو سکر اعجاز احمد چنا جي هدايت تي ڊويزن آفيس دادو ۾ کليل ڪچھري رکي وئي، سپرينڊنٽ انجنيئر سيپڪو سرڪل دادو ارشاد علي سيال ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر عبدالعزيز پنھور جي اڳواڻي ۾ ڊويزن آفيس دادو ۾ واپڊا صارفين جا مسئلا ٻڌا ويا،
کليل ڪچھري ۾ 182 ماڻهن پنهنجا مسئلا پيش ڪيا، جن مان 47 ماڻهن جا مسئلا موقعي تي حل ڪيا ويا، اي سي ارشاد علي سيال ۽ انجنيئر عبدالعزيز پنھور ميڊيا کي ٻڌايو ته چيف سيپڪو سکر جي ھدايت تي بجلي صارفين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ کليل ڪچھري منعقد ڪئي آهي، 136 بجلي صارفين پنهنجا بجلي جا بل کڻي آيا آهن،
35 لک 80 ھزار جي ماليت جا بل ٺاھي ڏنا ويا، ڪافي صارفين جا جائز مسئلا موقعي تي ئي حل ڪيا آهن 19 لک 20 ھزار جي ريڪوري ڪئي وئي آهي، انجنيئر عبدالعزيز پنھور ٻن ڪنزيومرن تي بجلي جي چوري ڪرڻ تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو، باقي جيڪي صارفين آيا آهن
انهن مان ڪن صارفين جا ميٽر جي غلط ريڊينگ ميٽر خراب ۽ ٻيا معاملا بيان ڪيا آهن، شڪايتون درج ڪيون آهن انهن جي جائز شڪايتن جو جلد ازالو ڪيو ويندو، ھنن اھو پڻ چيو ته واپڊا صارفين کي گهرجي ته سيپڪو جي اھڙين کليل ڪچھرين مان لاڀ حاصل ڪن،
کليل ڪچھري ۾ ايس ڊي او سب ڊويزن ٽو محمد ارسلان اقبال، آر او شاھنواز ميمڻ واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪس يونين اڳواڻ ذوالفقار علي ملاح، گل محمد ڪنڀر، امام الدين ملاح ۽ ٻيا واپڊا عملدار موجود ھئا.
ڊسمبر 21, 2024