جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي: مسمات رشيده
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) ڄامشورو کوسا ڪالوني جي رھواسڻ مسمات رشيده زال رسول بخش سولنگي ميڊيا اڳيان دانھيو ته 2 مک بااثر جوابدار ھدايت الله خاصخيلي، اعجاز علي ملاح، حاڪم ملاح، ڪارو ماڇي محرم ماڇي ۽ ٻين ھٿيارن جي زور تي اسان جي پھريان به نياڻي مالا سولنگي کي زبردستي اغوا ڪري ويا ھئا
اسان قرآن تي واپسي ڪرائي جڏھن ته جوابدارن اسان جي نياڻي حنا عرف صبا سحر کي آغوا ڪري ھٿيارن جي زور تي زبردستي ڪورٽ نڪاح ڪيو آهي، ساڳئين جوابدارن گذريل رات دير سان منھنجي ماساتن ڪاشق علي سولنگي، عاطف سولنگي ۽ شاھ محمد سولنگي جي گھر تي جوابدارن ھٿيارن جي زور تي سڌي فائرنگ ڪري ڌمڪيون ڏنيون ته حنا عرف صبا سحر جو ذڪر نه ڪيو ۽ نه ئي ڪورٽ نه ٿاڻن تي نه وڃون اگر ويندا ته توھان جو جيئڻ جنجال ڪنداسين ۽ دادو واري گھر تي به حملو ڪري اوھان کي مارينداسين جوابدار جو چوڻ ھيو ته اسان ڄامشورو پوليس کي پئسا ڏئي وات بند ڪري ڇڏيو آھي،
ڄامشورو پوليس اسان کي ڪجھ به نه ٿي ڪري سگھي،ھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته نياڻيون به اسان جون اغوا ڪيون ويون آهن،جوابدار ڌمڪيون ۽ فائرنگ به اسان جي گھرن مٿان ڪن ٿا، ڄامشورو پوليس ۽جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي،
ڊسمبر 21, 2024