آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول پڌرو، پاڪ ڀارت دنگل ڪٿي ٿيندو؟
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ايندڙ سال رٿيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو امڪاني شيڊيول سامهون اچي ويو.
شيڊيول موجب، ٽورنامينٽ جي پهرئين ميچ 19 فيبروري تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچيءَ جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو يعني پاڪ-ڀارت مقابلو 23 فيبروري تي نيوٽرول وينيو تي ٿيندو.
ذريعن موجب، نيوٽرل وينيو لاءِ دبئي جو نالو سامهون آيو آهي، ايونٽ جي شروعات کان اڳ ڇهن ڏينهن جو سپورٽ پريڊ رکيو ويو آهي، 12 کان 18 فيبروري جي سپورٽ پريڊ دوران ٽيمن جي آمد ۽ پريڪٽس وغيرا شامل آهي.
ان کان اڳ خبرون سامهون آيون هيون ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي نيوٽرل وينيو بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان معاملا طئه ٿي ويا آهن ۽ امڪاني طور دبئي نيوٽرل وينيو هوندو جنهن جو باظبابطا اعلان تمام جلد ڪيو ويندو.