”40 ورهين بعد چونڊيل وزيراعظم جي قتل جو اعتراف ڪيو ويو، ڪنهن کي ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ گهرجي ها“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي جوابدر اسحاق جي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران دلچسپ مڪالمو ٿيو.
جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته 2017ع کان ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ رياست حڪومت ڪِيرائڻ ۽ آڻڻ ۾ رڌل آهي، سمورا ادارا سياسي مخالفن جي پويان پئجي ويا آهن، آئين تي عمل ٿئي ها ته اهڙيون حالتون نه هجن ها.
جسٽس جمال مندو خيل جو چوڻ هو ته رياست جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ٽي وزيرِاعظم مارايا ويا، ٽنهي وزيراعظمن جي ڪيسن جو ڇا ٿيو؟
هن چيوته بلوچستان ۾ هڪ سينيئر ترين جج به ماريو ويو، ڪا خبر ناهي، اصل ڳالهه ڪجهه ڪرڻ جي خواهش نه هجڻ آهي، ٻين ٻن صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پوليس جي جاچ جو طريقيڪار انتهائي ناقص آهي.
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين رياستي ادارا سياسي انجينيئرنگ ۾ رڌل رهندا تيستائين اهڙي صورتحال رهندي، ماڻهن کي ادارن تي يقين ناهي رهيو، ماڻهو چاهن ٿا ته سڀ ڪم سپريم ڪورٽ ڪري.
جسٽس اطهر من الله چيو ته هي ادارو به ايترو ئي سچ ڳالهائي ٿو جيترو اسان جو معاشرو ڳالهائيندو آهي، 40 ورهين بعد چونڊيل وزيراعظم جي قتل جو اعتراف ڪيو ويو، وزيراعظم جي قتل کان وڏو ڏوهه ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ڪنهن کي ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ گهرجي ها.
جسٽس ملڪ شهزاد جو چوڻ هو ته جنهن ملڪ ۾ وزيراعظم جو اهڙو حال هجي ته عام ماڻهو جو ڪهڙو حال هوندو؟ وزيراعظم هڪ ڏينهن وزيراعظم هائوس ته ٻئي ڏينهن جيل ۾ هوندو آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ڪير ڪيترا ڏينهن وزيراعظم هوندو.
ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ پوليس کي جوابدار اسحاق کي گرفتار ڪري جيل اختيارين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
واضح رهي ته جوابدار اسحاق ان کان اڳ ضمانت حاصل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو هو.