ڀائرن زبردستي منهنجي گهر مٿان ڪاھ ڪري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو: دين محمد منڱڻيجو

Spread the love

سوڀوديرو ( رپورٽ: مير خان منڱڻيجو) ھنڱورجا لڳ ڳوٺ الاهي بخش منڱڻيجو جو رهواسي  پورهيت دين محمد منڱڻيجو حق نواز منڱڻيجو جي گھر کي سندس ڀائرن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. خبر موجب زميني حصا پتي تڪرار سبب ڀائرن بااثرن جي چرچ تي عبدالغفار  منڱڻيجو  پٽ  محمد حسن منڱڻيجو ڪفايت منڱڻيجو ارشاد منڱڻيجو امتياز منڱڻيجو ۽ اڻ سڃاتل ماڻهن پاران گھر تي چڙهائي ڪري گهر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو

 متاثرين دين محمد منڱڻيجو ۽ سندس ماءُ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀائر زبردستي منهنجي گهر مٿان ڪاھ ڪري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو جنهن سبب گھر ۾ پيل ھزارين روپين جو سامان سڙي راک ٿي ويو. رات اٽڪل هڪ بجه ڌاري اسان جي دانهون ڪوڪن تي پاڙي وارن جي مداخلت تي حملي آور ڀڄي ويا.

متاثرين پاران اھڙي واقعي خلاف اعلي اختيارين آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کي سخت نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڊسمبر 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو