ٺٽي جي مختلف شهرن ۾ ستپ جي مرڪزي سڏ تي شٽربند هڙتال، ڪاروبار بند

Spread the love

ٺٽو(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌو درياء مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ خلاف ڏنل ھڙتال واري سڏ تي ٺٽي، مڪلي، جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو، غلام الله، ميرپور ساڪرو سميت سڄي ضلعي ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال رھي، جتي دڪان بازارون، ڪاروباري مرڪز، پئٽرول پمپ بند رھيا، 

ٽريفڪ نہ ھئڻ برابر رھي، STP ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن ناٿو خان بروھي، راجو قريشي، جميل سمون، جمال تارو، عثمان ھنڱورو ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران روڊن تي گشت ڪري ھڙتال کي ڪامياب بنائي ھڪ ريلي پڻ ڪڍي سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ سنڌو درياء تي ڪوبہ ڪئنال منظور ناھي، ھنن چيو تہ جيستائين ڪئنالن جو رينگٽ ختم نٿو ٿئي تيستائين ايس ٽي پي پاران احتجاجن جو سلسلو جاري رھندو،

ھنن چيو تہ سنڌي ماڻھن سنڌو دريا مان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي پاران ڏنل شٽر بند ھڙتال ۾ پاڻمرادو ڪاروبار بند رکي پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي انھن بہ سنڌو درياء تي اڏجندڙ ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو اھي، ھنن چيو تہ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ فورن سنڌو درياء تي اڏجندڙ ڪئنالن کي مڪمل طور ختم ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيئي سنڌ کي بنجر بڻجڻ کان بچايو وڃي.

ڊسمبر 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو