وزيراعظم پاران ڊاڪٽر عافيه بابت آمريڪي صدر کي لکيل خط جو ڪو به جواب ناهي آيو : پرڏيهي وزارت
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس جي ٻڌڻي دوران، پرڏيهي وزارت جي نمائندي ٻڌايو ته وزيراعظم طرفان ڊاڪٽر عافيه جي حوالي سان آمريڪي صدر کي لکيل خط جو ڪو به جواب ناهي آيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز، ڊاڪٽر عافيه جي آزادي ۽ وطن واپسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پرڏيهي وزارت جو نمائندو، ايڊشنل اٽارني جنرل ۽ درخواست گذار جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته آمريڪا هڪ خودمختيار ملڪ آهي، ڊاڪٽر فوزيه جو ويزا رد ڪري سگهي ٿو، ۽ وزيراعظم جو ويزا به رد ڪري سگهي ٿو، پر اهڙا معاملا سفارتي سطح تي حل ڪيا وڃن ٿا.
ٻڌڻي دوران پرڏيهي وزارت جي وڪيل ٻڌايو ته آمريڪا ۾ پاڪستاني مشن ڊاڪٽر عافيه سان ملاقات لاءِ وفد جي انتظامن مڪمل ڪري ورتي هئي.
ان تي جسٽس اعجاز اسحاق سوال ڪيو ته جڏهن دستاويزن موجب وفد دير سان پهتو، ته پوءِ اوهان جو سفير ڪٿي هو؟ اهڙن معاملن کي سدائين سفير ڏسندا آهن.
ڊاڪٽر عافيه جي ڀيڻ ٻڌايو ته جڏهن ڪنهن ملڪ جو سربراهه ٻئي ملڪ جي ايگزيڪٽو کي خط لکندو آهي ته ان جو جواب لازمي ايندو آهي.
ان تي پرڏيهي وزارت جي نمائندي جواب ڏنو ته وزيراعظم پاڪستان طرفان آمريڪي صدر جو بائيڊن کي لکيل خط جو اڃا تائين ڪو جواب ناهي آيو.
جسٽس اعجاز اسحاق رمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ جي ايگزيڪٽو طرفان لکيل خط جو جواب نه آيو، ان کي ڇا سمجهون؟ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير کي وفد جي ملاقات جو انتظام بائيڊن انتظاميا سان ڪرڻ گهرجي ها.
عدالت آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي جي درخواست کان وٺي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي دورن جا تفصيل طلب ڪيا، جنهن تي ايڊشنل اٽارني جنرل حڪمناما واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي.
عدالت پرڏيهي وزارت کان ڊاڪٽر عافيه جي آمريڪي وڪيل جي ڊيڪليئرشن تي رپورٽ طلب ڪندي، معاملي کي سفارتي سطح تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.