نادار پينشنرز ۽ پيرسن شهرين جي سهولت لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا آڱرين جي ڪمزور نشان رکندڙ پينشنرز ۽ پيرسن شهرين لاءِ چهري جي سڃاڻپ جو نئون نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
تفصيل موجب، نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۾ هڪ مشاورتي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ، جتي سڃاڻپ جي تصديق ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ نادرا پاران ريگوليٽرز ۽ شهرين کي ڪنهن به رنڊڪ کان سواءِ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڪانفرنس جي شروعات ۾ نادرا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر سڃاڻپ جي تصديق واري نظام تحت مختلف شعبن کي پيش ايندڙ مسئلن، انهن کي حل ڪرڻ ۽ نظام ۾ جدت آڻڻ جي ضرورتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ڪانفرنس دوران آڱرين جي ڪمزور نشان رکندڙ شهرين، خاص طور تي پنشنرز ۽ پيرسن شهرين کي تصديق ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڪانفرنس کانپوءِ، نادرا اختيارين طرفان آڱرين جي ڪمزور نشان رکندڙ بزرگ شهرين جي سهولت لاءِ پنشنرز ۽ بزرگ شهرين لاءِ چهري جي سڃاڻپ جو نئون نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو 15 جنوري کان متعارف ڪرايو ويندو.

ڊسمبر 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو